نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ جو مڙهه لنڊن کان پاڪستان واپس آڻڻ جون تياريون شروع

news

لاهور: (سومر 23 نومبر 2020ع) نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ جو مڙهه لنڊن کان پاڪستان آڻڻ جون تياريون شروع ٿي ويون، بيگم شميم اختر جي  جنازي نماز شريف ميڊيڪل سٽي ۾ ادا ڪئي ويندي. ذاتي معالج جي منع ڪرڻ تي نوازشريف جي پاڪستان نه اچڻ جو امڪان آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف ۽ صدر نوازليگ شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر لنڊن ۾ لاڏانو ڪري وئي. بيگم شميم اختر ڊگهي وقت کان بيمار هئي. مرحومه کي لاهور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. مريم نواز کي پشاور جلسي دوران ڏاڏي جي لاڏاڻي جي خبر ڏني وئي.

شهباز ۽ شريف ۽ حمزه شهباز کي جيل ۾ اطلاع ڏني وئي. شهباز شريف امڙ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي  لڙڪ لاڙي ويٺو. پنجاب حڪومت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب جي جيل کاتي جي وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جنازي نماز ۾ شرڪت جي اجازت ڏني ويندي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. 

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي  چيف دعا ڪئي آهي ته رب پاڪ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. سياسي اڳواڻن به نوازشريف ۽ شهباز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته امڙ جي لاڏاڻي سان اولاد بي مثال نعمت کان محروم ٿي ويندو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته هو شريف خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. سراج الحق، چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌاري پرويز الاهي به ڏک جو اظهار ڪيو.

پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار، وفاقي وزير شبلي فراز، شيخ رشيد، اعجاز شاهه، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، وڏي وزير محمود، وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال، وزيراعظم آزاد ڪشمير فاروق حيدري، چوڌري نثار علي به بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي شريف خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

جڏهن ته صدر سپريم ڪورٽ بار لطيف آفريدي، وڪيل اڳواڻن به ڏک جو اظهار ڪندي مرحومه جي لاءِ دعا ڪئي.