ٽوئٽر جي نئين فيچر(فليٽس) ۾ خرابي سامهون اچي وئي

news

لنڊن: (سومر 23 نومبر 2020ع)   ڪجهه ڏينهن اڳ مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر ۾ نئون فيچر(فليٽس) شامل ڪيو ويو هو جنهن ۾ خرابي نظر اچي رهي آهي.

ٽوئٽر جو اهو نئون فيچر فليٽ انسٽاگرام، فيس بڪ، اسٽيپ چيٽ ۽ واٽس ايپ جي اسٽوري فيچر جيان آهي ۽ ان فيچر تحت  ڪابه تصوير وڊيو يا پيغام 24 ڪلاڪن کان پوءِ پنهنجو پاڻ ئي غائب ٿي ويندو هو. پر هاڻ فيچر ۾ خرابي نظر اچي رهي آهي. اورٽيڪ ڪرنچ جي رپورٽ موجب ٽوئٽر صارفين طرفان  شڪايتون ڪيون پيون وڃن ته 24 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود  به فليٽس غائب ناهن ٿي رهيون جڏهن ته ان فليٽس کي ڪير ڪير ڏسي رهيو آهي ان جي لسٽ به سامهون ناهي اچي رهي.

صارفين جو اهو به چوڻ هو ته ٽوئٽر جي فليٽس کي ڪوبه ڊائون لوڊ ڪري سگهي ٿو ۽ ان شخص کي خبر به نه پوندي ته ان جي فليٽس کي ڪنهن ڊائون لوڊ ڪيو آهي. صارفين جي شڪايت کان پوءِ ٽوئٽر پاڻ تصديق ڪئي آهي ته ان جي فليٽس فيچر ۾ هڪ وڏي خرابي اچي وئي آهي جنهن کي تمام جلد صحيح ڪيو ويندو.