پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ دڪانون ڇهين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

لاهور: (سومر 23 نومبر 2020ع) ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پنجاب حڪومت دڪانون شام جو 6 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب پنجاب حڪومت طرفان دڪانون شام 6 وڳي بند ڪرڻ جو اهو فيصلو ڪورونا جي ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن لاهور چيمبر آف ڪامرس طرفان دڪانون شام 6 وڳي بند ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪئي وئي آهي. لاهور چيمبر جي صدر طارق مصباح جو چوڻ آهي ته دڪانون 6 وڳي بند ڪرڻ جي فيصلي سان  مارڪيٽن ۾ رش وڌندي. وقت گهٽ نه ڪيو وڃي.

واپاري  ڪورونا ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عمل ڪندا. حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري.