مسوڀرڳڙي: پي ٽي الف مٽياري جون چونڊون، سروري پئنل سوڀارو

news

مسوڀرڳڙي(رپوٽ : پانچورام) پ ٽ الف ضلع مٽياري جون چونڊون ٿي گذريون جنھن ۾ سرور نوح پئنل، مخدوم سرور نوح پئنل کي 4 ووٽن تان ھارائي مقابلو کٽي ورتو ۽ سرور نوح پئنل جي گل محمد ھموپوٽو، مخدوم سرور نوح پئنل جي قادربخش ٻگھيو کي ھارائي پ ٽ الف ضلع مٽياري جو صدر ۽ غلام رسول ڏاھري جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا.

ان موقعي تي پريس ڪلب مسوڀرڳڙي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي پ ٽ الف ضلع مٽياري صدر گل محمد ھموپوٽو چيو ته سروري پئنل جي ڪاميابي سڄي استاد برادي جي ڪاميابي آھي، ھن چيو ته آئون جن ووٽ ڏنا انھن کي به ۽ جن نه ڏنا تن ڀائرن کي به ھن سفر ۾ گڏ کڻي  ھلندس.

ھن چيو ته آئون ۽ منھنجي سٿ جا ساٿي ڪاري رات جو به استادن جي مسئلي ۾ گڏ ھونداسين ۽ استادن جي مڙني جائز مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪندس.