شهدادپور ۾ نيفرٽيڪنالوجي پروجيڪٽ تحت ٺهندڙ ليبارٽريون ڪرپشن جي ور چڙهي ويون

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ مختلف زميندارن وٽ  حڪومت پاران زرعي معيشت جي سڌاري ۽ بھتري لاءِ فصلن کي مختلف مرضن کان بچائڻ لاءِ  فصلن جي  دشمن ڪيڙن کي کائي ناس ڪندڙ دوست ڪيڙا پالي فصلن ۾ ڇڏڻ  لاءِ تعمير ٿيندڙ نيفرٽيڪنالوجي پروجيڪٽ جون 17 ليبارٽريون مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪرپشن جي ور چڙھي ويون.

ناقص مٽيريل جو سرعام استعمال ھئڻ ڪري ٺھڻ پويان ڊھڻ شروع ٿي ويون آھن، آبادگارن پاران اختيارين کي فوري نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي.

شھدادپور تعلقي اندر ٻرھون روڊ تي مختلف زميندارن جي زمينن ۾ سنڌ حڪومت جي شراڪت سان حڪومت پاڪستان پاران زرعي معيشت ۽  زراعت جي سڌاري ۽ بھتري لاءِ فصلن تي خطرناڪ دشمن جيتن ملي، بگ، گلابي سنڊي ۽ چٽڪمري سنڊي کي کائي ناس ڪندڙ دوست ڪيڙن جي پالنا ڪري  فصلن ۾ ڇڏڻ  لاءِ تعمير ٿيندڙ جديد نيفرٽيڪنالوجي پروجيڪٽ جي مد ۾ ھر ليبارٽري بلڊنگ 15 لکن جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ 17 ليبارٽرين جون بلڊنگون مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪرپشن جي ور چڙھي ناقص مٽيريل جو سرعام استعمال ھئڻ ڪري ٺھڻ پويان ڊھڻ شروع ٿي ويون آھن.

شھدادپور تعلقي اندر ٻرھون روڊ تي زميندار نياز بوداڻي، افضل سنجراڻي، شفيع محمد سنجراڻي، ڪاشف راجپوت، موسو سھتو، مختيار سھتو، وحيد لغاري ۽ عباس فارم سميت ٻين جي زرعي زمينن تي ٺھندڙ جديد نيفر ٽيڪنالوجي جي نيفر ليبارٽرين کي زراعت کاتو ھينڊل ڪري رھيو آھي.

ان سلسلي ۾ آبادگارن ڪاشف راجپوت زرعي ماھر محمد خان وساڻ ۽ ٻين  آبادگارن احتجاج ڪندي ٻڌايو تہ سنڌ جي زراعت کي زراعت کاتو ئي ڪرپشن ڪري ھٿ وٺي تباهه ڪري رھيو آھي فصلن تي مختلف ڪيڙن جي حملي ۽ انھن جي خاتمي لاءِ سنڌ ۾  دوست ڪيڙا  پالي انھن  کي فصلن ۾  ڇڏڻ لاءِ جديد نيفر ٽيڪنالوجي جون 52 ليبارٽريون گھڻو وقت اڳ ٺاھڻيون ھيون، انھن نيفر ليبارٽرين کي زراعت کاتي ڪاغذن ۾ مڪمل ڄاڻائي رقم ھڙپ ڪئي.

سپريم ڪورٽ جي سخت حڪمن بعد زراعت کاتو اوچتو جاڳي پيو آھي ۽ تڙ تڪڙ ۾ ٺيڪيدار کان ناقص مٽيريل سان نيفر ٽيڪنالوجي جون غيرمعياري بلڊنگون تعمير ڪيون پيون وڃن، جيڪي ٺھڻ بعد ڊھڻ شروع ٿي ويون آھن.

ھنن چيو تہ تعمير ٿيندڙ نيفر ليبارٽرين جو ڪالم شيڊيول موجب 18 انچ ڪرڻو ھو جيڪو 10 انچ جو ٺاھي فرش 12 انچن بجاءِ 3 انچ جو غير معياري ٺاھي ھڪ نمبر سرن بجاءِ 3 نمبر سرون لڳايون ويون آھن.

چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، نيب ۽ ٻيون اختياريون تعمير ٿيندڙ غير معياري نيفر ٽيڪنالوجي ليبارٽرين جو فوري نوٽيس وٺي ملوث ڪامورن خلاف سخت قدم کنيو وڃي.