ديوالي کانپوءِ ”ڇيڻن جي جنگ“ جو عجيب ڏڻ

news

ڪرناٽڪا: دنيا ۾ هونءَ ته عجيب ۽ غرين ڏڻن جي ڪا کوٽ ناهي، پر ڏکڻ هندستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گماتاپورا ۾ هر سال ديوالي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي ”گورهبا“ يعني ”ڇيڻن جي جنگ“ جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ ماڻهو ڳئون جي ڇيڻن جا گولا ٺاهي هڪٻئي کي هڻندا آهن.

ياد رهي ته هندو ڌرم ۾ ڳئون کي مقدس حيثيت حاصل آهي، جنهن ڪري هندن ۾ ڳئون کي”گئو ماتا“ چيو ويندو آهي جڏهن ته ڳئون جو ڇيڻو به ايترو ئي ”پوتر“ پاڪ سمجهيو ويندو آهي جيڪو هندو عقيدي موجب ماڻهن کي ڪيترين ئي پريشانين ۽ آفتن کان بچائي ٿو.

گورهبا جو ڏڻ به اصل ۾ ڳئون ماتا سان اظهار عقيدت ۽ منت گهرڻ جو هڪ طريقو آهي، البت اهو واضح ناهي ته ڇيڻن جي جنگ جو اهو ڏڻ ختم ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن ڇو ٿو ملهايو وڃي.