کورواهه ڀرسان نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ صحافي رضا آڪاش خاناڻي سان سرھي سانجھ ملھائي وئي

news

گولاڙچي (رپورٽ: ساجد اقبال) کورواهه ڀرسان ڳوٺ خاناڻي جت ۾ نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ صحافي رضا آڪاش خاناڻي سان سجاڳ نوجوان سٿ خاناڻي جت پاران شاندار سرھي سانجھ ملھائي وئي.

جنھن جي صدارت نامياري ليکڪ خالد ڪنڀار ڪئي، جڏھن ته ٻين مھمانن ۾ نواز شاهه ڀاڏائي، امير آزاد پنھور، منور ھاليپوٽو، عزيز سرواڻ، اياز امر شيخ، يونس بڪاري، مصطفيٰ اياز مھيري، مقبول ھاليپوٽو، امين سنڌي، اقبال ھاليپوٽو، امر کتري، باغي حنيف کوسو، عزيز گل، مھردين مري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي خالد ڪنڀار چيو سنڌ تحقيقي صحافت تمام گھٽ ٿئي پئي، رضا آڪاش تحقيقي صحافت ۾ پنھنجو الڳ مقام رکي ٿو، رضا فيلڊ جرنلزم جو ماڻھو آھي، صحافت ادب ۾ رضا جو پنھنجو الڳ اسلوب آھي، ھن چيو ته رضا آڪاش لاڙ ۽ ٿر جي انھن اشوز کي بھتر نموني رپورٽ ڪيو آھي جيڪي عام صحافتي اک ھميشه اوجھل رھيا آھن.

امير آزاد پنھور چيو ته رضا وٽ جيڪا صحافتي جرئت آھي اھا ھن کي سنڌ جي صحافت ۾ الڳ ڪري بيھاري ٿي، ھن مسڪين غريب ۽ پورھيت ماڻھن جي دردن کي اخبارن جي صفحن تي ۽ ٽي وي اسڪرين تي ايمانداري سان آندو آھي، ماڻھو صحافت مان مال ٺاھيندا آھن پر ھن عزت ۽ دوست ٺاھيا آھن.

سيد نواز شاهه ڀاڏائي چيو رضا بھترين صحافي، شاعر ۽ نثر نويس آھي، ھن وٽ ڏيڻ لاءِ رڳو محبتون آھن، ھن جي شخصيت جو اھو سحر آھي جو اڄ کيس سان محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ سوين ماڻھو سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھتي ھلي آيا آھن.

پريس ڪلب گولاڙچي جي صدر مھر دين مري چيو ته رضا گولاڙچي نه پر لاڙ جي صحافت جو اثاثو آھي، ھن فيلڊ جرنلزم ۾ نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا.

ان موقعي تي عزيز سرواڻ، شاعر ديدار شاهه، ابن ڪلھوڙو، باغي حنيف کوسو ، ادريس نوھڙيو، اقبال ھاليپوٽو، عبدالغني چنا، نور محمد ميمڻ، سعيد جت، غلام مصطفيٰ جت ، ادريس نھڙيو، امر کتري، امين سنڌي، مقبول ھاليپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

جڏھن ته منور ھاليپوٽو، عزيز گل، حميد جت، بابو جان، ڪبير نوحاڻي، جاويد جبار ۽ ٻين شاعرن پڻ شاعري ٻڌائي.

تقريب کي ريڊيو جي ناليواري ڪمپيئر يونس بڪاري جي ڪمپيئرنگ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏھن ته محفل موسيقي جي شروعات ملھار جوڻيجو پاران بوڙينڊو، نڙ ۽ بانسري وڄائي ڪئي، جڏھن ته  رات دير تائين محفل موسيقي ۾ سنڌ جي ناليواري راڳي رفيق فقير سرن جي ورکا ڪئي.

پروگرام ۾ بدين، ٺٽو، سجاول،  ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي ۽ ٻين علائقن مان آيل سوين نوجوانن شرڪت ڪئي.