وومين ڊولپمينٽ حيدرآباد جي ارڙهين گريڊ ۾ مقرر ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مقرري جعلي نڪتي
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 مھينا پھريان

حيدرآباد (رپورٽ: عبدالرسول چانڊيو) حقوق نسوان حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مقرري غيرقانوني ۽ فراڊ نڪتي. سنڌ حڪومت فوزيه اشرف کي عهدي ۽ ملازمت تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب گريڊ 18 ۾ مقرر فوزيه اشرف سنڌ حڪومت جي ملازمه ئي نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
فوزيه اشرف وفاقي حڪومت جي کاتي بينظير ڀٽو سينٽر فار وومين ۾ ڪانٽريڪٽ ملازمه هئي.
ذريعن موجب فوزيه اشرف کي مئنيجر جي عهدي تان حڪومت برطرف ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ڪجهه آفيسرن جي ملي ڀڳت سان کيس وومين ڊولپمينٽ جو آفيسر ظاهر ڪيو ويو.
فوزيه اشرف کي 2010ع کان غيرقانوني طور وومين ڊولپمينٽ کاتي ۾ گريڊ 18 ۾ آفيسر طور مقرري ڪئي وئي هئي.

72