پنجين ٿر جيپ ريلي: صاحبزاده سلطان ۽ ۽ سلميٰ خان فاتح قرار

news

مظفرڳڙهه: پنجين ٿر جيپ ريلي صاحبزاده سلطان کٽي ورتي، اسٽاڪ ڪيٽيگري ۾ تيمور خواجه جڏهن ته وومين ڪيٽيگري ۾ سلميٰ خان فاتح قرار ڏني وئي.

مظفر ڳڙهه ۽ ليه جي صحرا ۾ ٿيل پنجين ٿر جيپ ريلي ۾ پري پيئرڊ ڪيٽيگري جي مقابلن ۾ 24 ريسرز حصو ورتو، صاحبزاده سلطان مقرر 105 ڪلوميٽر جو فاصلو هڪ ڪلاڪ ۽ پنج سيڪنڊن ۾ طئي ڪري مقابلو کٽي ورتو، اسٽاڪ ڪيٽگري ۾ تيمور خواجه ۽ وومين ڪيٽگري ۾ سلميٰ خان ميدان ماري ورتو.

جيپ ريلي ۾ شوقينن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ريسرز جي حوصلا افزائي لاءِ ڍول جي ٿاپ تي ڀنگڙا ڊانس ڪئي وئي، ٿر جيپ ريلي ۾ پهريون ڀيرو بائيڪرز به ريس ۾ حصو ورتو جڏهن ته ڊي سي پي انتظاميا جو چوڻ هو ته ايندڙ سال انٽرنيشنل ريسرز کي به ٿر جيپ ريلي ۾ گهرايو ويندو.