اڳوڻو نيول چيف ايڊمرل(ر) فصيح بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

news

اسلام آباد: (اڱارو 24 نومبر 2020ع) اڳوڻو نيول چيف ايڊمرل ريٽائرڊ فصيح بخاري لاڏاڻو ڪري ويو. اڳوڻي اميرالبحر جي گهر ڀاتين فصيح بخاري جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اڳوڻي نيول چيف جي جنازي نماز سڀاڻي چڪ شهزاد ۾ ادا ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ايڊمرل ريٽائرڊ فصيح بخاري مئي 1997ع کان آڪٽوبر 1999ع تائين پاڪستان نيوي جو سربراهه رهيو ۽ پوءِ آڪٽوبر 2011 کان وٺي مئي 2013 تائين قومي احتساب بيورو(نيب) جو سربراهه به رهيو.

فصيح بخاري 1942  ۾ پيدا ٿيو ۽ هو 1959 کان وٺي 1999ع تائين پاڪستان نيوي ۾ خدمتون انجام ڏيندو رهيو.