بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

news

ڪراچي: (اڱارو 24 نومبر 2020ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي توهين  عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته بلدياتي چونڊن لاءِ سنڌ حڪومت کي نئون خط لکيو وڃي. درخواست ڏيندڙ محمود اختر نقوي  پنهنجي موقف ۾ چيو ته تڪ بندي جو بهانو ڪري بلدياتي چونڊون روڪرايون پيون وڃن. سنڌ حڪومت 78 ارب روپين جو ساليانو بجيٽ کائڻ چاهي ٿي.

هينئر تائين مردم شماري جا نتيجا جاري ناهن ڪيا ويا. عدالت فيبروري ۾ حڪم ڏنو هو هينئر تائين عمل ناهي ٿيو. شماريات کاتي جي نمائندي عدالت کي آگاهي ڏني ته حڪومت ڪميٽي ٺاهي ڇڏي جنهن جي سفارشن جي روشني ۾ جلد مردم شماري جي نتيجن جو فيصلو ٿي ويندو. جسٽس محمد علي مظهر اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيستائين بلدياتي چونڊون ڪرائيندو؟

عدالت لاڳاپيل اختيارين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته سنڌ ۾ 30  آگسٽ 2020 تي بلدياتي ڪائونسل جو مدو ختم ٿيو هو ۽ آئين جي تحت بلدياتي ڪائونسلز جي مدت ختم ٿيڻ جي 120 ڏينهن جي دوران بلدياتي چونڊون ڪرائڻيون هيون. اليڪشن ڪميشن 31 آگسٽ تي سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي لاءِ تڪ بندين جو شيڊول جاري ڪيو هو.

شيڊول موجب يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽين ۽ وارڊز جون تڪ بنديون ڪرڻيون هيون. ان کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ بلدياتي تڪ بنديون روڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏني هئي. جڏهن ته سنڌ حڪومت به مردم شماري جي حتمي نتيجن جي جاري ٿيڻ کان اڳ تڪ بندين تي اعتراض ڪيو هو. اعتراض کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي تڪ بندين جو شيڊول واپس وٺي ڇڏيو هو.