ٽنڊوڄام: گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف عورتن جو سوئي گيس آفيس اڳيان احتجاج

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام جي ڪريم آباد ڪالوني، ٽالپر ڳوٺ، مظفر آباد ڪالوني، مير ڪالوني، رشيد ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ سوئي گئس جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ۽ گئس جو پريشر گهٽ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن خلاف ٽالپر ڳوٺ، ڪريم آباد ۽ ٻين ڪالونين جي عورتن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سوئي گئس ٽنڊوڄام جي ايس ڊي او آفيس  سامهون پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،عورتن جو هجوم پهچڻ تي ايس ڊي او آفيس جو دروازو بند ڪرائي ڇڏيو ۽ عورتون ٻاهر احتجاجي مظاهرو ڪنديون رهيون.

ان موقعي تي مسمات زاهده، شبانا، رضيا ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته هر مهيني وقت سر بل جمع ڪرائڻ باوجود به بلا جواز ماني جي ٽائيم تي سوئي گئس جي لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ اڪثر وقت گئس جو پريشر گهٽ ڪيو ٿو وڃي، جنهن سبب وقت تي ماني پچائڻ لاءِ ڪاٺين جو استعمال ڪرڻو ٿو پوي، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا سوئي گئس آفيس ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به ٻڌڻ لاءَ تيار ئي ناهي، صبح جو ناشتو هجي يا منجهند جي ماني يا وري رات جي ماني جو وقت گئس جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ روز جو معمول بڻجي وئي آهي، هنن اعلى اختيارين کان نوٽيس وٺي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم ڪرائڻ ۽ پريشر وڌائي مسئلو حل ڪرائڻ جي گهر ڪئي.