ٽنڊوڄام: هاڪي ايسوسيئيشن پاران مشهور اولمپيئن سميع الله خان جي مان ۾ مانجهاندو

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ هاڪي ايسوسيئشن حيدرآباد ريجن جي ڪوارڊينيٽر رائو ظفر سعيد پاران معروف اولمپيئن سميع الله خان جي مان ۾ مانجهندو ڏنو وي، جنهن ۾ ميمبر پاڪستان هاڪي فيڊريشن اسلم خان نيازي، هاڪي ايسوسيئشن سنڌ جي سيڪريٽري رمضان جمالي، نائب صدر اعجاز کوکر، انٽرنيشنل امپائر محسن علي خان، ضلع حيدرآباد نائب صدر جنيد راجپوت سميت ٻين شرڪت ڪئي. 

انهيءَ موقعي تي اڳوڻي اولمپيئن سميع الله خان جو چوڻ هو ته حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هاڪي رانديگرن ۾ بيپناهه ٽيلنٽ موجود آهي جن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته رانديگر راند سان گڏ پنهنجي خوارڪ تي به ڌيان ڏين، سٺي خوراڪ استعمال ڪرڻ سان اسٽيمنا وڌندو آهي، هن چيو ته نوجوانن کي گهرجي ته راند کان علاوه ديني ۽ دنياوي تعليم تي به ڀرپور ڌيان ڏين.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ هاڪي جو سامان خريد ڪرڻ مشڪل هوندو هو پر اڄ جي دور ۾ آسٽروٽرف گرائونڊ ۽ هاڪي جو بهترين سامان موجود آهي جن مان نوجوانن کي فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.