بختاور ڀٽو مڱڻي جي تقريب ۾ ڪهڙا ڪپڙا پائيندي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

news

ڪراچي: (اڱارو 24 نومبر 2020ع) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو جي مڱڻي هلندڙ مهيني جي 27 تاريخ تي ڪراچي ۾ ٿيندي.

پيپلز پارٽي طرفان مڱڻي جي باضابطه اعلان سان گڏ جتي بختاور ڀٽو کي مبارڪباد جا پيغام ملي رهيا آهن اتي مڱڻي جي ڏينهن ان جي ڪپڙن جي حوالي سان مشهور فيشن هائوس(ريشم رواج) طرفان هڪ پوسٽ به سامهون آئي آهي. فيشن هائوس لکيو آهي ته بختاور ڀٽو مڱڻي جي ڏينهن اهڙا ئي ڪپڙا پائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي جهڙا ان جي امڙ بينظير ڀٽو پنهنجي نڪاح تي پاتا هئا.

ريشم رواج جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي نون ڪپڙن ۽ ان سان گڏ بينظير ڀٽو جي تصوير به شيئر ڪئي آهي. فيشن هائوس بختاور طرفان بينظير ڀٽو جي نڪاح جهڙا ڪپڙا ٻيهر تيار ڪرڻ جي خواهش اظهار تي فخر ۽ خوشي جو اظهار به ڪيو آهي. واضح رهي ته بختاور ڀٽو جي مڱڻي جي حوالي سان سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪيتريون ئي تڪراري خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ پ پ طرفان بيان به جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ بختاور ڀٽو زرداري جي مڱڻي 27 نومبر تي محمود چوڌري سان ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته محمود چوڌري لاهور جي پراڻي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ محمد يونس ۽ بيگم ثريا  محمود جو پٽ آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته محمد يونس 1973ع ۾ متحده عرب امارات هجرت ڪئي ۽ سخت محنت سان ڪنسٽرڪشن ۽ ٽرانسپورٽ جو بزنس ڪيو. پنج ڀيڻ ڀائرن مان سڀني کان ننڍو محمود چوڌري 28 جولاءِ 1988ع تي ابو ظهبي ۾ پيدا ٿيو.