اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ راجپوت ۽ کوسا برادري ۾ جهيڙو، هڪ ڌر پاران احتجاج

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ راجپوت ۽ کوسا برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران جهيڙو ڪندڙ ڌرين جو هڪٻئي تي  لٺين سان حملو ڪيو.

جڏهن ته کوسا برادري جي محمد شاهد کوسو، محمد جمن کوسو، نيڪ محمد کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان راجپوت برادري جي پوليس اهلڪارن خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته اسان جي نوجوان اڪبر کوسو تي پوليس اهلڪارن طارق راجپوت ۽ آصف راجپوت بناجواز تشدد ڪيو آهي، اسان غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهيون، شهر ۾ چنگچي رڪشا هلائي پنهنجو پيٽ گذر ڪيون ٿا، راجپوت برادري جا پوليس اهلڪارن روزانو اسان کي گارگند ڪري جهيڙو ڪرڻ چاهين پيا، جنهن خلاف اسان ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي شهيد الهه بخش چوڪ تي پهتاسين ته راجپوت برادري جي پوليس اهلڪارن ۽ ٻين ٻيهر اسان تي شهر ۾ حملو ڪري ڏنو.

جنهن جي نتيجي ۾  نوجوان اڪبر کوسو، شاهد کوسو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. احتجاج ڪندڙن آءِ جي  سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان  مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف قدم کڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.