آءِ سي سي جي منافقي: بهترين ڪرڪيٽرن ۾ ڪنهن به پاڪستاني کي شامل نه ڪيو

news

دبئي: آءِ سي سي ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي ۽ بهترين ڪرڪيٽرن جي فهرست ۾ ڪنهن به پاڪستاني کي شامل نه ڪيو.

انٽرنيشنل ڪائونسل (آءِ سي سي) پاران ڏهائي جي بهترين ڪرڪيٽرز جي ايوارڊز لاءِ چونڊ ڪيلن ۾ ويرات ڪوهلي، جوءِ روٽ، ڪين وليمسن، ڊي ويليئرز، اسٽيون اسمٿ، روي چندرن ايشون ۽ سنگاڪارا شامل آهن.

بهترين ون ڊي ڪرڪيٽر ايوارڊ لاءِ ويرات ڪوهلي، ليسٿ مالنگا، مچل اسٽارڪ، اي بي ڊي ويليئرز، روهت شرما، مهندرا سنگهه ڌوني ۽ سنگاڪارا جي چونڊ ڪئي وئي آهي، بيسٽ ٽيسٽ پليئرز ۾ ويرات ڪوهلي، ڪين وليمسن، اسٽيون اسمٿ، جيمز اينڊرسن، رنگانا هيراٿ ۽ ياسر شاهه شامل آهن.