ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ايم ڪيو ايم لنڊن جا پنج دهشتگرد گرفتار

news

ڪراچي: (اربع 25 نومبر 2020ع) ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي 5 مبينه  ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪائونٽر ٽيرارزم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته مبينه ٽارگيٽ ڪلرز جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي ۽ هو ٽارگيٽ ڪلرز اجمل پهاڙي ۽ ڪاشف ڊيوڊ جا ويجها ساٿي آهن. سي ٽي ڊي موجب جوابدار ڀارتي ڳجهي ايجنسي کان تربيت به حاصل ڪري چڪا آهن.

جوابدارن کي 3 مختلف ڇاپا مار ڪارروائين دوران گرفتار ڪيو ويو. ٻه مهينا اڳ به ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل ۾ ملوث ٻن مبينه ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

پوليس موجب جوابدار ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي ٻن آفيسرن جي قتل ۾ به گهربل هئا. ڪائونٽر ٽيررازم پوليس موجب ٻنهي ٽارگيٽ ڪلرز کي پاڪ ڪالوني جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن جو تعلق متحده قومي موومينٽ لنڊن سان هو.