ڀارتي قدمن سان ڪشميري پنهنجي سياسي ۽ ثقافتي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن: شاهه محمود قريشي

news

اسلام آباد: (اربع 25 نومبر 2020ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومون ڪشميرين سان ڪيل واعدو پورو ڪري.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي حوالي سان تبديلي جي سازش تي ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خط لکيو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ڀارت خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

ڀارت گڏيل قومن جي چارٽر، بين الاقوامي قانون ۽ جنيوا ڪنوينشن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. ڀارت ڪشميرين جي نسل ڪشي ۽ ڪشمير ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائي رهيو آهي. ڪشميرين جي ايراضي ڦرڻ ۽ غير ڪشميرين کي آڻي آباد ڪيو پيو وڃي.

ڀارت جي قدمن سان ڪشميري پنهنجي سياسي ۽ ثقافتي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ايل او سي تي ڇڪتاڻ ڪري رهيو آهي. ڀارت هلندڙ سال ايل او سي تي 2700 ڀيرا ڀڃڪڙيون، 25 شهري شهيد، 200 کي زخمي ڪري چڪو آهي.

گڏيل قومن جي چارٽرڊ ۽ قرارادن جي تحت سلامتي ڪائونسل جون ڪجهه اهم ذميواريون آهن ڪشميرين کي انهن جو حق خود اراديت ڏنو وڃي. گڏيل قومون ڪشميرين سان ڪيل واعدو ڪن.