پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا وائرس جو شڪار

news

ڪراچي: (خميس 26 نومبر 2020ع)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي. ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري ٻڌايو ته معمولي نشانيون آهن. گهر ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. پيپلز پاري جي فائونڊيشن ڊي تي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندس. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  عوام کي ماسڪ پائڻ ۽ احتياط جي اپيل ڪئي آهي.  ياد رهي ته ان کان اڳ بلاول جي سياسي صلاحڪار جميل سومرو جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو هو.

صلاحڪار جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ پ پ چيئرمين پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو. بلاول ڀٽو زرداري  گلگت اليڪشن دوران جلسن ۾ به شرڪت ڪئي هئي ۽ هو عوام سان ملاقاتون به ڪندو رهيو.