سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا، رهواسي ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا

news

سوات: (خميس 26 نومبر 2020ع)خيپرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته زلزلي جي اونهائي 40 ڪلو ميٽر هئي زلزلي جو مرڪز پاڪ افغان سرحدي علائقو هو.

رپورٽ موجب زلزلي جي لوڏن کان پوءِ رهواسي ڊپ وچان  پنهنجن گهرن مان ڪلمي جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا. 

ياد رهي ته گذريل مهيني خضدار سميت  بلوچستان صوبي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.