متحده عرب امارات ۾ اٺ مهينن بعد مسجدن ۾ جمعي نماز جي اجازت

news

دبئي:متحده عرب امارات 8 مهينن بعد مسجدن ۾ جمعي نماز جي ادائيگي لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي.

عرب ويب سائيٽ موجب متحده عرب امارات جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي نظر ۾ رکندي 8 مهينن بعد مسجدن ۾ خاص ضابطي تحت جمعي جي نماز پڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

يو اي اي عملدارن طرفان جاري ضابطي تحت مسجدن ۾ گنجائش موجب 30 سيڪڙو ماڻهو ئي نماز پڙهي سگهندا جنهن جو اطلاق 4 ڊسمبر کان ٿيندو.

ان کان علاوه ابوظهبي جي انتظاميا تجرباتي طور تي ويڪسين جون پهريان 2 ڀيرا خوراڪ وٺندڙ ماڻهن کي گولڊن استار ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهيا نهن ماڻهن جو امارات جي ڪنهن به رياست کان ابوظهبي واپسي تي ڪورونا ٽيسٽ نه ورتو ويندو ۽ اهو قرنطينه کان به آجو هوندو.