فلاءِ دبئي جي اسرائيل لاءِ باقاعده ڪمرشل اڏام شروع

news

دبئي: دبئي متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپا قائم ٿين کانپوءِ اڏام جو سلسلو باقاعده شروع ڪري ڇڏيو ۽ پهرين اڏام دبئي کان تل ابيب ۽ اتان واپس دبئي آئي.

خابرو ايجنسي اي ايف پي جي رپورٽ موجب فلاءِ دبئي جي پهرين اڏام دبئي کان تل ابيب پهتي ته اسرائيلي وازيراعظم بينجمن نيتن ياهو به اتي موجود هو.

بينجمن نتين ياهو دبئي کان 4 ڪلاڪن بعد تل ابيب پهتل فلاءِ دبئي جي پهرين اڏام بابت چيو آهي ته هي هڪ تاريخي موقعو آهي.

هن مسافرن کي چيو “السلام عليڪم توهان هتي وري وري اچو“  

فلاءِ دبئي جي اڏام تل ابيب کان سڌيءَ ريت پهريون ڀيرو دبئي پهتي، هيءَ اڏام ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بحال ٿيڻ بعد پهرين شيڊولڊ ڪمرشل اڏام هئي.