وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊي ڇڏيو

news

اسلام آباد: وزيراعظم گلگت بلتستان جي وڏ وزارت لاءِ خالد خورشيد جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو آهي.

خالد خورشيد جو نالي جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڏني وئي.

چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي تصديق ڪئي آهي ته گلگت بلتستان جي وڏ وزارت لاءِ خالد خورشيد جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي، خالد خورشيد ضلع استور مان اسميبلي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي.

خالد خورشيد 2018 ۾ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو، وڏ وزارت جي لاءِ خالد خورشيد ۽ فتح الله ۾ مقابلو ٿيو، وزيراعظم مرڪزي ۽ گلگت بلتستان قيادت سان خالد خورشيد جي نامزدگي لاءِ صلاح بعد نالو فائنل ڪيو.