داد لغاري جي ڳوٺ شير محمد پتافي جا ۲ نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري جي ڳوٺ شير محمد پتافي جا 2 نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويا، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر.

خبر موجب داد لغاري ويجهو ڳوٺ شير محمد پتافي جا 2 نوجوان فهيم پتافي ۽ اقبال احمد پتافي گذريل 4 ڏينهن گم ٿي ويا آهن، جنهن جو ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، جڏهن ته وارثن پاران اغوا جو پڻ شڪ ظاهر ڪيو آهي.

نوجوانن جي وارثن غوث بخش پتافي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان فهيم ۽ اقبال پتافي چار ڏينهن اڳ دوستن سان ملڻ جو چئي گهران نڪري ويا هئا جنهن جا نمبر چئن ڏينهن کان بند پيل آهن شڪ آهي ته نوجوان اغوا ٿي ويا آهن.

هنن ايس پي گهوٽڪي کان نوجوانن ڳولا جي اپيل پڻ ڪئي آهي.