جاپان ۾ سپر نائنٽينڊو ٿيم پارڪ تيار

news

اوساڪا: هن پارڪ ۾ اهڙيون شيون پيش ڪيون ويون آهن جيڪي دنيا ۾ اڳ نه ڪيون ويون آهن.

جاپان ۾ يونيورسل اسٽوڊيو جي اندر ماريو ٿيم پارڪ تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن کي هن سال کولڻو هو پر ڪورونا وبا سبب ان ۾ ڪجهه دير ٿي وئي آهي هاڻ اوساڪا ۾ چار فيبروري 2021 تي ان جو افتتاح ڪيو ويندو.

يونيورسل ڪري ايتوو جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر ٿامس جيراڻي موجب ان نئين پارڪ ۾ ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي ان کان اڳ دنيا ۾ ڪٿي به پيش نه ڪيون وين آهن، سڀ کان وڌيڪ ماريو جي سموري سيريز تي گيمز ۽ ٿيم پارڪ آهي، هن چيو ته 1980 کانپوءِ ماريو ۽ ان جي دوست کي جنهن جنهن روپ ۾ ڏيکاريو ويو اهي سڀ ان تفريح گاهه ۾ موجود هونديون.

ان کان علاوه کائڻ پيئڻ جا دڪان، تحفا ۽ خريداري جون ٻيون شيون به رکيون ويون آهن، ان ۾ گيمرز به هڪٻئي سان پنجي جو مقابلو ڪري سگهندا، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ۾ (اسوبي) ويزن رکيو ويو آهي، اصل رانديگر اڇل ڏيندو، بلاڪ کي مجازي طور تي مڪو هڻندا ۽ ورچول(مجازي) سڪا جمع ڪري سگهندا.

ان کان پهريان مهمانن کي هٿ تي ٻڌي ويندڙ پاور اپ پٽيون ٻڌڻيون پونديون جيڪي اسمارٽ فون جي ايپ سان جڙيل هونديون ۽ اتي اهي سڪا محفوظ رکي سگهبا، ماريو جو هڪ وڏو مجسمو ۽ بلڪل ان جهڙو قلعو به ٺاهيو ويو آهي جيڪو وڏن وڏن پٿرن مان ٺاهيو ويو آهي جنهن کي ڏسي ماريو جا مداح خوش ٿيندا.