زخم ڀرڻ جي عمل تي نظر رکندڙ ”سينسر پٽي“

news

ٽيڪساس: ماهرن سينسر واري هڪ اهري پٽي ٺاهي آهي جيڪا زخم ڀرڻ جو مڪمل جائزو وٺي ٿي.

اسڪولٽيڪ ۽ يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي ماهرن ان سينسر جا تفصيل هڪ تحقيقي رسالي ۾ ڏنا آهن، ذيابيطس ۽ پريشر وارا السر مشڪل سان ئي ٺيڪ ٿين ٿا، عام طور تي وري وري بينڊيج کولي ان کي ڏسڻو هوندو آهي پر هي عمل خود زخم کي وڌيڪ وڌائي به سگهي ٿو، پوءِ مريضن کي بار بار اسپتال جا به چڪر ڪاٽڻا پون ٿا پر هاڻ ماهرن اهڙن مريضن جي لاءِ سهولت پيدا ڪري ڇڏي آهي.