ڀارتي دهشتگردي جي ثبوتن کي عالمي برادري سنجيدگي سان ورتو آهي: پاڪ فوج ترجمان

news

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن بعد عالمي سطح تي ڀارت ڪمزور پوزيشن تي اچي ويو آهي، دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث آهي، پاڪستان ڊوزيئر ۾ ثبوت سامهون آندا، دنيا هاڻ ڀارتي سپانسرڊ دهشتگردي تي کليل نموني ڳالهه ڪري رهي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار انٽرويو ۾ چيو ته ڀارت افغان سرزمين کي استعمال ڪري سي پيڪ کي نشانو بڻائيندو آهي، ڀارت وٽ دهشتگرد آهن، اهي سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني ماڻهن ۽ مقامي ليبر کي نشانو بڻائيندا آهن پر انهن خطرن خلاف اسان مڪمل تياري ڪري رکي آهي. چئلينجز سان نبري رهيا آهيون. پاڪستان سي پيڪ جي سيڪيورٽي لاءِ خاص طور تي ٻه ڊويزن فورس تشڪيل ڏني آهي، ان کانسواءِ 8 نو ريگولر رجمنٽس به راهداري جي حفاظت تي مامور آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت سي پيڪ جي ٽائيم لائن مڪمل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، اهي سمجهن ٿا ته رڪاوٽون وجهڻ سان منصوبو رڪجي ويندو، ڀارت سي پيڪ کي ترقي ڪندي نٿو ڏسڻ چاهي، ان جو مطلب واضح آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جا چيني پارٽنرز سي پيڪ منصوبي جي سيڪيورٽي جي انتظامن مان مڪمل مطمئن آهن. سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ واري هر ڀارتي سازش کي ناڪام بڻائينداسين، انشاءُ الله سي پيڪ هر ڏينهن پهرين کان وڌيڪ ترقي ڪندو.

ميجر جنرل بابر افتخار وڌيڪ چيو ته ڀارت افغان سرزمين کي استعمال ڪري سي پيڪ کي نشانو بڻائيندو آهي، افغان قيادت سان ان مسئلي تي ڳالهائيندا رهندا آهيون.