پي ڊي ايم اڄ کان سموري ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

اسلام اباد: حڪومت مخالف تحريڪ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مووومينٽ(پي ڊي ايم) اڄ کان پوري ملڪ ۾ حڪومت خلاف مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي.

پي ڊي ايم جي ترجمان ميان افتخار حيسن جو چوڻ آهي ته پهريان پشاور ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ پوءِ ملتان ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، پي ڊي ايم جي اڳواڻن خلاف ڪيس حڪومت جي بوکلاهٽ آهي.

هن چيو ته جيل سياستدانن جو ٻيو گهر آهي تنهن ڪري اپوزيشن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي.

ٻئي طرف تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي جلسن کان نه روڪينداسين پر قانوني ڪارروائي ڪنداسين.