احتساب عدالت جو اڳوڻو جج ارشد ملڪ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو

news

سلام آباد: احتساب عدالت جو اڳوڻو جج ارشد ملڪ ڪرونا سبب فوت ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ارشد ملڪ ڪورونا جي علاج لاءِ اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو پر هو اڄ فوت ٿي ويو.

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين 8260 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ 4 لک 10 هزار کان وڌي ويو آهي.