نيو سعيد آباد رينج جي ھزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع

news

نيو سعيد آباد (رپورٽ: واجد ملاح) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد ڊي ايف او حيدرآباد جي ھدايت تي نيو سعيد آباد جي رينج جي ھزارين ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ناجائز قبضا خورن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آھي.

رينج فاريسٽ آفيسر سيد ميرحسن شاهه، فاريسٽر غلام حيدر وئنس، سيد انور شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس جي مدد سان قبضو ڪيل سوين ايڪڙ سرڪاري زمين تي پوکيل ڪڻڪ، بصر، چڻن ۽ ڀاڄين جي فصل کي ٽريڪٽرن ذريعي ھر ڏئي تباهه ڪري ٻٻر جا وڻ پوکڻ لاءِ چيچڪا ڇٽيا ويا آھن.

جڏھن ته سرڪاري زمين تي لڳل لفٽ مشينون، ٽريڪٽر ۽ ٻي مشينري تحويل ۾ ورتي وئي آھي، رينج فاريسٽ آفيسر سيد مير حسن شاهه عملي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سرڪاري زمين تي قبضو ڪندڙ 800 کان وڌيڪ قبضا خورن خلاف سرڪاري زمين تي ھٿيارن جي زور تي زبردستي قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن.

قبضا خورن ۾ ڪجھ سرڪاري ملازم به شامل آھن، جن خلاف به ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.