مورو ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي غيرقانوني ڪٽوتي خلاف عورتن جو احتجاج، ٽي ايجنٽ گرفتار

news

مورو: مورو ۾ احساس ڪفالت سينٽرن تي مسڪين اٻوجھ عورتن کان پنج سو کان هڪ هزار تائين جي غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ تي عورتن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

اھڙي شڪايت تي مورو ٿاڻي جي پوليس گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مورو جي احساس ڪفالت سينٽر تي ڇاپو ھڻي ٽن ڪميشن خور ايجنٽن عبداللطيف ملڪ، احمد رضا ملڪ ۽ محمد اختر ملڪ کي پڪڙي سندن وٽان موبائيل فون ۽ ڪٽوتي وارا پيسا ھٿ ڪري 04 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. جڏھن ته ھڪ ڄڻو عبدالحميد ملڪ فرار ٿي ويو آھي.

ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ عورتن مسمات حوران، مسمات گڏي، مسمات زيب النساءِ، مراد لغاري، گل حسن ڀٽي، راوت خان گاڏھي، علي گل کوسو ۽ ٻين ٻڌايو تہ ڄاڻايل سينٽر تي ڪميشن ايجنٽ ڪم ڪري رھيا ھئا، جيڪي ھڪ ڪارڊ تي 500 کان ھزار روپيا غير قانوني طرح سان ڪٽوتي ڪري رھيا ھئا، جڏھن ته حڪومت طرفان اھڙي ڪا بہ ڪٽوتي نہ ڪرڻ جا سخت حڪم جاري ڪرڻ باوجود ڄاڻايل سينٽر تي احساس ڪفالت پروگرام ۾ غريب ۽ مستحق ماڻھن جا پيسا زوري ڪٽيا وڃن ٿا ۽ دانھن ڪرڻ تي اسان کي ڌڪا ڏئي تذليل ڪئي ٿي وڃي.

ان موقعي تي مورو پوليس ٻڌايو تہ اھڙي شڪايت ملڻ ۽ احتجاج جو نوٽيس وٺندي ڄاڻايل سينٽر تي ڇاپو ھڻي ٽن ايجنٽن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ ٻين ملوث ڪميشن ايجنٽن کي پڻ گرفتار ڪري حقدارن کي حق ڏياريو ويندو.