ڪرڪ ۾ پراڻي تڪرار تان گاڏي مٿان فائرنگ، عورت سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا

news

ڪوهاٽ: (ڇنڇر 05 ڊسمبر 2020ع)   ڪرڪ ۾ گاڏي تي فائرنگ سبب  عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. رپورٽ موجب ڪرڪ جي تعلقي تخت نصرتي جي علائقي چوڪاره ۾ نامعلوم ماڻهن هڪ گاڏي  مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ ماءُ، پٽ به شامل آهي. 

شروعاتي جاچ ۾ فائرنگ جو واقعو پراڻي دشمني جو تڪرار لڳي ٿو  جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ياد رهي ته گذريل مهيني خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪوهاٽ ۾ فائرنگ سبب 7 ڄڻا مارجي ويا هئا. ڪاغذي بازار ۾ موسيقي جي تقريب جاري هئي ته ٻن ڌرين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني. ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني هئي.