بلوچستان جي تعليم واري وزير پاران پنهنجي کاتي ۾ سڀني کان وڌيڪ جعلي ڀرتين جو انڪشاف

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 05 ڊسمبر 2020ع) بلوچستان جي تعليم واري وزير سردار يار محمد رند انڪشاف ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ سڀني کان وڌيڪ جعلي ڀرتيون تعليم کاتي ۾ ٿيون.

بلوچستان جي تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين جو اهو انڪشاف سردار يار محمد رند ڪوئٽه ۾ تعليم کاتي جي انتظام هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ چيڪ ورهائڻ جي تقريب ۾ ڪيو. سردار يار محمد رند چيو ته تعليم کاتي  اندر جعلي ڀرتيون ٿيڻ شرم جوڳو عمل آهي.

کاتي ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جن کي استاد چوڻ تي به شرم ايندي آهي.  صوبائي وزير چيو ته تعليم کاتي ۾ اصلاحات ۽ بهتري جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هڪ اهڙي ايپليڪيشن يا نظام آڻينداسين جنهن تحت کاتي بابت ثبوت سان گڏ شڪايتون داخل ڪري سگهبيون ۽ شڪايت تي ڪارروائي به ڪئي ويندي.

هن چيو ته کاتي ۾ ڪرپشن ۽ غير حاضر رهندڙ استادن ۽ ملازمن کي بخش نه ڪنداسين استادن جو ڪردار ۽ رويو ماءُ پيءُ جهڙو هجڻ گهرجي.