داد لغاري احساس ڪفالت سينٽر تي پوليس اهلڪار جو پورهيت تي تشدد، دانهون

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري احساس ڪفالت سينٽر تي عورت سان گڏجي آيل پورھيت مٿان سينٽر تي موجود بغير وردي جي پوليس اھلڪار بلاجواز ڏمرجي پيو.

داد لغاري ٿاڻي جو پوليس اھلڪار پورھيت کي چماٽون ۽ لٺيون ھڻي ماڻھن جي ھجوم ۾ سرعام تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو، سينٽر تي پيسا وصولي لاء آيل ماڻھن ٻنھي جي وچ ۾ اچي ڪري پورھيت جي جان ڇڏرائي.

ھوڏانھن پوليس اھلڪار جي تشدد جو نشانو بڻيل پورھيت ٻڌايو تہ بنا جواز پوليس اھلڪار مون کان نالو پڇڻ بعد ڪاوڙ ۾ اچي ڪري مون مٿان چماٽن ۽ ھٿ ۾ کنيل لڪڻ سان تشدد نشانو بڻايو، جنھن بعد اتي موجود ماڻھن مون کي ڇڏرايو.

ان ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي تہ بنادير مون مٿان تشدد ڪندڙ پوليس اھلڪار خلاف ڪارروائي ڪري مون کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.