داد لغاري ويجھو ڳوٺ نٿو گبول ۾ پوليس اھلڪار جي موٽرسائيڪل چوري

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري ويجھو ڳوٺ نٿو گبول ۾ پوليس اھلڪار شريف گبول جي ھوٽل ٻاھران بيٺل موٽرسائيڪل نامعلوم چوري ڪاھي فرار ٿي ويا.

ھوڏانھن علائقي واسين پاران ٻڌايو ويو تہ شھر ۾ گذريل ڪيترن ڏينھن کان روز رات جو چوريون ٿي رھيون آھن. انھن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو فوري طور رات جو گشت وڌايو وڃي ته جئين چورين تي ڪنٽرول ٿي سگھي.