نيوسعيد آباد ۾ ايس ٽي پي پاران الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

news

نيو سعيد آباد (رپورٽ: واجد ملاح) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي بيدردي سان قتل واري واقعي ۽ واقعي جي سازش ۾ ملوث اصل ڏوھارين کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن گوتم چنا، ڄام شوڪت ابڙو، عبدالفتاح ڳاھوٺي ۽ ملھار شيدي جي اڳواڻي ۾ نيو سعيد آباد ۾ ريلي ڪڍي وئي.

جنھن ۾ سوين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي، ريلي شھر جو گشت ڪيو، جنھن دوران شھيد الطاف جسڪاڻي جي قتل واري واقعي ۽ واقعي جي سازش ۾ ملوثن خلاف نعره ھنيا ويا. ريلي پريس ڪلب سامھون پھتي ته جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي ريلي کي خطاب ڪندي گوتم چنا، ڄام شوڪت ابڙو ۽ ٻين چيوته ايس ٽي پي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ الطاف جسڪاڻي کي منظم سازش تحت شھيد ڪرايو ويو آھي ۽ ان جي قاتلن جي پشت پناھي ڪئي پئي وڃي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي.

ھنن چيو ته الطاف جسڪاڻي جي قتل واري واقعي ۾ ملوث ۽ سازش ڪندڙن کي ظاھر ڪرڻ تائين احتجاج جاري رھندو.