بدين ۾ پرديسي پکين جو شڪار جاري، جنگهلي جيوت کاتي ڪو ٻوٽو نه ٻاريو

news

بدين(رپورٽ:تنوير احمد آرائين) بدين ۾ جنهگلي جيوت کاتي جي نااهلي پرديسي پکين جو شڪار جاري پکين جي شڪار ڪيل گوشت تي سرعام ڊنر پارٽيون ٿيڻ لڳيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جي باوجود ٻوٽو نہ ٻاريو 

خبر موجب سياري جي جون سرد راتيون شروع ٿيندي ئي بدين جي سرڪاري پاڻي وارين ۽ زميندارن جي ڍنڍن تي روس جي ٿڌن علائقي سائبيريا کان پهتل مهمان پکين جنهن ۾ چيکلو، آڙي نيرڳي، پيڻ، ڊگوش، ٿرانڊو، لاکي ۽ ڄاڃي شامل آهن جو نه صرف بي رحمي سان شڪار جو سلسلو جاري آهي پر شڪاري جنهن ۾ سياسي سماجي بااثر ڌرين کان علاوه عام شڪاري بہ شامل آهن غيرقانوني ڪيل شڪار ڪيل پکين ۽ ان جون دوستن کي ڪيل دعوتن جو تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل بہ ڪري رهيا آهن.

ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي تہ سامونڊي پٽي جي مشهور تفريحي ماڳ سدا بهار هن وقت پکين جي غيرقانوني شڪار مان سياسي سماجي بااثر ڌرين ۽ دوستن يارن جون ڊنر جون دعوتون ڪرڻ جو ڳڙه بڻيل آهي، جن جي خبر جهنگلي جيوت بچاءُ کاتي جي مقامي اهلڪارن کان علاوه ضلعي ۽ ڊويزنل سطح جي  آفيسرن کي بہ آهي پر اهي ڪوبہ قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار نہ آهن، صرف ننڍن شڪارين کي گرفتار ڪري معمولي ڏنڊ رکي خانہ پوري ڪئي پئي وڃي. 

ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي تہ پرنٽ ميڊيا پاران اهڙي غيرقانوني شڪار جي نشاندهي ڪرڻ بعد جهنگلي جيوت بچاءُ کاتي بدين جا اهلڪار شڪارين تي نوٽيس ڪڍي کين غيرقانوني شڪار ۽ ڪيس ۾ سائبر ڪرائيم جا قلم لڳائي ڪيس عدالت ۾ موڪلڻ جا ڊپ ڏيئي ڏنڊ جي نالي تي 15 کان 20 هزار رشوت وصول ڪري معاملي کي لئه مٽي ڪري ڇڏيندا آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاتي جا عملدار پنهنجو ڪم فرض شناسي سان ڪندي مهمان پکين جي شڪار خلاف تحرڪ وٺن.