ملڪ ۾ سون جي قيمت گهٽ ۽ ڊالر ۾ اضافو

news

ڪراچي: سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي جي قيمت ۾ 300 روپيا گهٽتائي ٿي آهي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 1 لک 10 هزار 500 روپيا ٿي وئي آهي.

10 گرام سون جي قيمت 257 روپيا گهٽ سان 94 هزار 736 روپيا آهي جڏهن ته عالمي صرافه مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 16 ڊالر گهٽ ٿي 1824 ڊالر في اونس آهي.

هوڏانهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ اڄ 33 پيسا اضافو ٿيو آهي، ڪاروبار جي آخر ۾ هڪ ڊالر 160 روپيا 47 پيسن جو رهيو.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 20 پيسن مان وڌي 160 روپيا 70 پيسا آهي.