نائيجيريا ۾ اسڪول جا ٽي سئو ايڪيهه شاگرد اغويٰ ٿي ويا

news

ابوجا: نائيجيريا ۾ اسڪول مان 321 شاگردن کي اغويٰ ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي ڪجهه شاگرد ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نائيجيريا جي اتر اولهه صوبي ڪتسينا ۾ واقع اسڪول تي هڪ وڏي گروهه حملو ڪري ڏنو، حملو ڪندڙن وٽ جديد هٿيار هئا.

مقامي پوليس جي سربراهه موجب حملو ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ ۾ ڪجهه شاگردن کي اسڪول مان فرار ٿيڻ جو موقعو ملي ويو، اسڪول ۾ شاگردن جو ڪل انگ 600 ٻڌايو پيو وڃي جنهن مان صرف 200 جي باري ۾ معلومات ملي سگهي آهي.

فوج ۽ انٽيليجينس سربراهه ريسڪيو آپريشن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، شاگردن جي اغويٰ کانپوءِ رياست ڪتسينا جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.