ٽنڊو محمد خان: آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي پورٽريٽ آڏو ڏيئا ٻاريا ويا

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي الفتاح چوڪ تي سنڌ پيپلز يوٿ جي سوين ڪارڪنن، شهرين پشاور سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي ڏنل عظيم قرباني تي سندن پورٽريٽ رکي کين سلامي پيش ڪرڻ لاءِ گلن نڇاور ڪري ڏيئا ٻاريا ويا.

انهي موقعي تي پ پ جي ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاهه بخاري، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر مير حسن ملاح، سيد شعبان شاهه بخاري، پ پ سٽي جي صدر معشوق علي ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ملڪ دشمن دهشتگردن حملو ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي اسڪول جي معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين، استادن ۽ اسڪول جي عملي کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي کين شهيد ڪيو، جيڪو واقعو المناڪ سانحي طور پوري قوم جي جذبن کي جڳائي ڇڏيو.

ان واقعي کي ملڪ دشمن دهشتگردي جو واقعو قرار ڏيئي شهيدن کي ڀيٽا ڏني جنهن ۾ سندن شهادت واري واقعي کي هميشه ملڪي تاريخ جي هڪ وڏي سانحي طور ياد رکيو ويندو ۽ شهيدن کي هر سال سلامي پيش ڪئي ويندي.

انهي موقعي تي ڏيئا ٻارڻ ۽ گل نڇاور ڪرڻ کانپوءِ دعا واري رسم پڻ ادا ڪئي ويئي.