ميرپورماٿيلو ويجهو ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، عورت فوت، نوجوان سخت زخمي

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ پير بخش جلباڻي جي رهواسين جو ڪوري کوھ بس اسٽاپ وٽ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هڪ عورت مسمات حليمان جلباڻي زال ظفر جلباڻي موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ نوجوان الطاف جلباڻي سخت زخمي ٿي پيو.

فوتي عورت ۽ زخمي کي ميرپور ماٿيلو اسپتال ۾ نيو ويو، عورت جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي نوجوان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ٽرالر ڊرائيور کي ٽرالر سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.