داد لغاري ويجھو يوسي ڪينجھر پتافي ۾ رولو ڪتن پنج سالن جي ٻارڙي کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري ويجھو يوسي ڪينجھر پتافي ۾ رولو ڪتن پنج سالن جي ٻارڙي کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، زخمي ٻارڙو اسپتال داخل.

خبر موجب داد لغاري شھر ويجھو يوسي ڪينجھر پتافي ۾ رولو ڪتن پنج سالن جي نينگر شان علي ولد قربان پتافي مٿان حملو ڪري کيس ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو آھي، جنھن کي وارث ويڪسين جي لاءِ ميرپورماٿيلو اسپتال کڻي ويا آھن.

ھوڏانھن انھي حوالي سان ڳوٺاڻن ٻڌايو تہ رولو ڪتن جو يوسي ڪينجھر پتافي اندر آزار لڳل آهي، رولو ڪتا ٽولن جي شڪل ۾ گھمن پيا پر يوسي سيڪريٽري ثناءُ اللہ ڪولاچي انھن کي مارڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آھن، جنھن ڪري اڄ ھي واقعو پيش آيو آھي.

انھن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته بنا دير جي يوسي سيڪريٽري ثناءُ اللہ ڪولاچي مٿان ڪتي ڏاڙھڻ جو ڪيس داخل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.