سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪيفي خانا بدوش کي خالي ڪرائڻ خلاف داخل پٽيشن خارج ڪري ڇڏي

news

حيدرآباد: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، ثقافت کاتي پاران ڪيفي خانا بدوش کي خالي ڪرائڻ خلاف 2019ع ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن تاج جويو، پروفيسر امداد چانڊيو، پروفيسر مجيد چانڊيو، حسين مسرت شاهه ۽ عاليا بخشل سميت 13 ڄڻن جي داخل ڪرايل پٽيشن ان اعتراض سان خارج ڪري ڇڏي ته پٽيشنرز ڄاڻايل زمين جي مالڪي يا ان جي حق بابت ڪا به شي پيش نه ڪري سگھيا آھن.

ياد رهي ته خانا بدوش کي خالي ڪرائڻ خلاف عدالت ۾ ڪيس ھلڻ دوران عدالت حڪم ڏنو هو ته ڪيفي خانه بدوش جي ڪميٽي ۽ ثقافت کاتي جا عملدار گڏ ويهي معاملا طئه ڪن ۽ ان معاهدي بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.

جنهن بعد عدالتي حڪم تحت ثقافت کاتي ۽ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي انتظاميا وچ ۾ ڳالهيون ٿيون هيون ۽ گڏيل صلاح مشوري سان هڪ معاهدو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو.

ان سلسلي ۾ پٽيشنر تاج جويو ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻڌڻي تي آئون عدالت ۾ پيش ٿيو هئس. ٻڌڻي دوران ثقافت کاتي جو هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڻ پيش ٿيو هو. جڏهن ته سرڪاري وڪيل ڪراچي ويل. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عدالت کي آگاهي ڏني هئي ته هڪ هفتي کانپوءِ ٺهيل معاهدو پيش ڪيو ويندو.

هوڏانهن امر سنڌو جو چوڻ آهي ته پٽيشن جي گذريل ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو هو ته خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کي هلائڻ جي لاءِ ثقافت کاتو ۽ ڪيفي جي ڪميٽي معاملا طئه ڪري. ان سلسلي ۾ اسان جون ڳالهيون پڻ ٿيون هيون ۽ ڳالهين ۾ اسان اتفاق ڪيو هو ته گڏيل ايم او يو سائن ٿيندو. ان کانپوءِ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي تي سرگرميون ٿينديون رهيون پر ڪورونا جي ڪري اهي سرگرميون معطل پڻ ٿيون آهن.

هن چيو ته ثقافت کاتي سان جيڪي معاملا طئه ٿيا هئا ان تحت اياز ميلي سميت خانه بدوش تي جيڪي به علمي ۽ ادبي سرگرميون ٿينديون آهن اهي جاري رهنديون.