روس ۾ انوکي شادي: عورت بريف ڪيس سان شادي ڪري ڇڏي

news

ماسڪو:ماسڪو ۾ هڪ ٽيچر کي بريف ڪيس سان پيار ٿي ويو ۽ ان سان شادي ڪري ڇڏي.

روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ هڪ چوڪري حيرت انگيز طور تي بريف ڪيس سان شادي ڪري ڇڏي آهي، اطلاعاتي ذريعن موجب ڪنهن به جاندار جي بي جان شيءِ سان شادي اتهائي حيران ڪندڙ آهي.

عالمي اطلاعاتي ذريعن موجب رين گارڊن جيڪا پيشي جي حوالي سان هڪ نرسري اسڪول ۾ ٽيچر آهي تنهن شادي لاءِ هڪ بريس ڪيس جي چونڊ ڪئي.

رين گارڊن کي نه صرف بي جان شين سان پيار آهي پر جسماني حوالي سان به هن جو ان طرف ڌيان ٿي وڃي ٿو.

رين گارڊن کي جنهن بريف ڪيس سان پيار ٿي ويو اهو هن پنج سال اڳ هڪ دڪان مان خريد ڪيو هو، هن جو چوڻ آهي ته دڪان ۾ بريف ڪيس کي ڏسڻ سان ئي کيس پهرين نظر ۾ ان سان پيار ٿي ويو.

ان موقعي تي رين گارڊن جو چوڻ آهي ته بريف ڪيس کي ڏسندي ئي هڪ پل لاءِ سندس دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي آهي ۽ هوءَ ٽڪ ٻڌي ان کي ڏسندي رهندي آهي، هن جو چوڻ آهي ته بريف ڪيس جي سلور، مرر ريفليڪشن سان بي انتها پيار ڪري ٿي، هن کي ماڻهن کان شڪايت آهي ته هو سندس جذبن کي نٿا محسوس نٿا ڪن.