ذاتي مفادن لاءِ آئين جو حليو بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين: مريم نواز

news

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم جي طرفان سينيٽ اليڪشن هڪ مهينو پهرين ڪرائڻ جو اعلان غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين به پاڻ ٿيو ويٺو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪو چاهيو ڪري وٺو، حڪومت نه بچندي. پنهنجي ئي پارليامينٽرينز تي اعتماد نه رهيو ته انهن کي شو آف هينڊز نظر اچي ويو.

هن جو چوڻ هو ته طريقيڪار جي تبديلي لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي. آرڊيننس جو مطلب پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻو هوندو. ذاتي مفادن لاءِ آئين جو حليو بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته اپوزيشن جي استعيفائن تي اليڪشن ڪرائڻ جون ڳالهيون صرف ڌمڪيون آهن. اسان چوڙيون پائي نه ويهنداسين. اسان توهان جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جلسي جي دوران هي ڪتن کي کارائي نه رهيو هو بلڪه پنهنجو خوف ڀُلائي رهيو هو.

اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت جي حوالي سان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن جو چوڻ هو ته ان کي گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ان سلسلي ۾ خصوصي فون ڪيو هو. منهنجي ڪوشش هوندي ته آئون ڳڙهي خدابخش ڀٽو بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀريان.