ايڊليڊ ٽيسٽ: آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

سڊني: (ڇنڇر 19 ڊسمبر 2020ع) آسٽريليا ڀارت کي پهرين ايڊليڊ ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 90 رنسن جو حدف 2 وڪيٽن تي پورو ڪيو ۽ ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڀارت پهرين اننگز ۾ 233 ۽ ٻئي اننگز ۾ صرف 36 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 191 ۽ ٻئي اننگز ۾ 93 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا کي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل ٿي وئي آهي. ايڊليڊ ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي فاسٽ بالر ڀارتي رانديگرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا. محمد شامي بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ڪوهلي سميت سموري ٽيم ۾ ڪوبه رانديگر ڊبل فيگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو.

آسٽريليا جي فاست بالرز جوش بيزل ووڊ ۽ پيت ڪمنز تباهه ڪن بالنگ ڪئي جنهن جي سامهون ڀارتي رانديگر نه بيهي سگهيا. بيزل ووڊ صرف 8 رنسون ڏئي 5 ۽ پيٽ ڪمنز چار وڪيٽون ورتيون ان کان اڳ ٽيست ميچ  ۾ ڀارت جو گهٽ اسڪور 42 آهي.

ڀارت آسٽريليا کي کٽڻ جي لاءِ 90 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو ۽ اننگز ۾ ڀارت جا 9 رانديگر آئوٽ ٿيا. ڀارت آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ننڍي اسڪور تي آئوٽ ٿيڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ ڀارتي ٽيم 1974ع ۾ انگلينڊ جي خلاف ميچ ۾ 42 رنسن تي آئوٽ ٿي هئي.