بدين ضلعي ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو آفيس کي تالا هڻي ڌرڻو، عملي ۾ ٿرٿلو

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين سميت ضلعي جي سمورن شهرن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو آفيس جي مين گيٽ تي ڌرڻو، شهرين آفيس کي تالا هڻي عملي کي آفيس ۾ بند ڪري ڇڏيو، 2 ڪلاڪ ڌرڻي سبب عملو سخت پريشان.

بدين، ٽنڊوباگو، پنگريو، ملڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن خدا ڏنو شاهه، پروفيسر اسماعيل ميمڻ، دلبر سنڌي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ بدين گئس آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ زونل مئنيجر شبير ڀٽي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جا نعرا هنيا.

انهيءَ دوران شهرين گيس آفيس کي تالا هڻڻ کانپوءِ مين گيٽ تي ڌرڻو هنيو ۽ عملي کي آفيس ۾ بند ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪ مهيني کان گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب سخت پريشان آهيون، گيس نه هجڻ ڪري ماني هوٽلن تان وٺڻ تي مجبور آھيون، چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن. هنن چيوته قانون موجب گيس تي پهرين مقامي ماڻهن جو حق آهي پر اسان کي گيس ملڻ بدران پنجاب ۽ ٻين صوبن کي گيس ملي ٿي، ٻه ڪلاڪ ڌرڻي کانپوءِ ريجنل آفيسر عبدالرشيد لغاري مقامي آفيسر رشيد ميمڻ معرفت موبائل فون تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي.

اڳواڻن چيو ته هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي ته اسان ٻيهر بدين شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هڻنداسين.