ميرپوربٺورو لڳ نينگري سان ڏاڍائي، رتورت، وارثن ۽ شهرين جو احتجاج

news

ميرپوربٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) ميرپوربٺورو لڳ هڪ ڏينهن اڳ ٻنون شهر ويجهو ڳوٺ عالم لاشاري ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگري  جميلا لاشاري دڪان تان سامان وٺي گهر وڃي رهي هئي ته جنهن کي جوابدار دين محمد رستي مان جهلي زوري زبردستي ڪمند جي فصل ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻائي کيس رتورت ڪري فرار ٿي ويو.

جتان نينگري ان حالت ۾ کسڪي گهر پهتي، جتي کيس علاج لاءِ نيو ويو، جنهن خلاف سنڌ دوست اتحاد ۽ سنڌ لائير فورم پاران ٻنون شهر ۾ معصوم جميلا لاشاري سميت سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين خلاف دانيال ميمڻ، ايڊوڪيٽ جرار خواجه، صابر سنڌي ۽ ساجد خواجه جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن چيو ته گذريل ڏينهن ٻنون ۾ معصوم جميلا لاشاري واقعي ۾ ملوث جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا  آهن، معصوم ٻارڙن کي اڪيلو گهرن کان ٻاهر  ڪڍي به نٿا سگهون، هنن وڌيڪ چيو ته جنسي ڏاڍاين وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي معصوم ٻارڙن جو تحفظ ڪيو وڃي.