روسي شهري جي نڪ ۾ ٽيونجاهه سالن کان ڦاٿل سڪو ڪڍيو ويو

news

ماسڪو: روسي شهري جي نڪ ۾ 53 سالن کان ڦاٿل سڪو سرجري کانپوءِ ڪڍيو ويو آهي.

59 سالن جي روسي شهري جي نڪ ۾ سڪو ان وقت ڦاسي پيو هو جڏهن هو اڃان 6 سالن جو هو پر پيءُ جي دڙڪن جي ڊپ کان ٻار پيءُ کي ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ پاڻ به ان کي وساري ڇڏيو.

مقامي ميڊيا موجب 59 سالن جي روسي شهري حيرت انگيز طور تي نڪ ۾ بغير ڪنهن سور جي يا رڪاوٽ جي 55 سال گذاري ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن اڳ بزرگ شهري کي نڪ ۾ سور ۽ رڪاوٽ محسوس ٿي جنهن تي هو اسپتال وڃي پهتو جتي ڊاڪٽر اسڪيننگ کانپوءِ ٻڌايو ته هن جي نڪ ۾ سڪو ڦاٿل آهي.

ڊاڪٽرن پاران روسي شهري جي نڪ جي سرجري ڪئي وئي جنهن بعد هن جي نڪ مان سڪو ڪڍيو ويو، سڪو 1991 ۾ سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ روس ۾ استعمال ٿيندو هو جنهن جي موجوده قيمت هڪ پيني کان به گهٽ آهي.