شھدادپور جي ٽائون ڪميٽي جٽيا جي ترقياتي ڪمن ۾ گهوٻين جو انڪشاف، اڪثر وارڊن ۾ ناقص ڪم ٿيل

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) ڪروڙن جي سالياني بجيٽ رکندڙ شھدادپور شھر جي ٽائون ڪميٽي جٽيا جي اڪثر وارڊن ۾ نيڪال جي نالين ۽ گھٽين جي ڀرائي ڪرڻ لاءِ رھواسين کان سيمنٽ، سرن، مٽي ۽ مزدوري جي مد ۾ ھزارين روپيا وٺڻ جو انڪشاف، اڪثر وارڊن ۾ لکين روپين جا ڪم  ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاري لکين روپيا ھڙپ، ڪابه آڊٽ وغيرہ به نه ٿي.

وارڊ ھڪ، وارڊ ٻه، وارڊ ٽي ۽ ٻين وارڊن جي رھواسين پاران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، نيب ۽ ٻين ادارن کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو.

شھدادپور شھر جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکندڙ ٽائون ڪميٽي جٽيا جي اڪثر وارڊن ۾ رھواسين کي بنيادي سھولتون نه ملي سگھيون، چيئرمين سميت چونڊيل نمائندن نيڪال جي نالين ۽ گھٽين جي ڀرائي ڪرڻ جا لکين روپين جي لاڳت جا ٽينڊر ڪرائڻ بعد رھواسين کان سيمنٽ، سرن، مٽي ۽ مزدوري جي مد ۾ ھر گھر کان ھزارين روپيا وٺي نالي ماتر ناقص مٽيريل استعمال ڪري غير معياري نالين جا ڪم ڪرائي رفو چڪر ٿي ويا.

اڪثر وارڊن ۾ نالين ٺاھڻ  پيور بلاڪ گھٽين فرشبندي سرن جي پچنگ وارن ڪمن جي ڪيل ٽينڊرن جي لکين روپين کي ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاري لکين روپيا ھڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نئين بستي، شھيد پير ڪالوني، ٽالپور ڪالوني، بسم اللہ ٽائون، قيوم آباد ۽ ٻين جي رھواسين الھڏنو لاکو، علي حيدر بابو ۽ ٻين رھواسين احتجاج ڪندي چيو تہ جيترو گھڻو ڪرپٽ اوترو وڏيڪ معتبر آھي، اسان کي افسوس آھي ته ٽائون   ڪميٽي جٽيا ۾ گذريل 4  سالن دوران چيئرمين ۽ ٻين ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو، ابتو اسان غريب مسڪينن کان سيمنٽ، سرن، مٽي ۽ مزدوري جا ھر گھر کان ھزارين روپيا ورتا پر اڪثر ڪم نه ٿيا، جيڪي ڪم ٿيا ٺھڻ پويان ڊھڻ شروع ٿي ويا، اھڙن نااھلن خلاف سخت قدم کڻڻ گھرجي ھا پر  افسوس ايوارڊ به اھڙن کي پيا ملن. اعليٰ اختياريون به زميني حقيقتون نه ڏسي سگھيون نه ڪابه آڊٽ وغيرہ ڪئي، ٽائون ڪميٽي جٽيا جي وارڊ ھڪ، وارڊ ٻه، وارڊ ٽي ۽ ٻين وارڊن جي رھواسين پاران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، نيب ۽ ٻين ادارن کان بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ جي مد ۾ ترقياتي ڪمن ڪرائڻ جي اصل حقيقت لڪائي ڪاغذن جو پيٽ ڀري زميني حقيقتون ڏسي انصاف ڀري جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.